معيشت جي بهتري جون دعوائون ڪوڙيون آهن\حافظ نعيم

لاهور (پ ر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته  17 جنوري تي آءِ پي پيز ۽ مهانگي بجلي خلاف احتجاج کانپوءِ  اصل ڪم  شروع ٿيندو،  پارٽيون تبديل ڪندڙ چھرا تبديل ڪندڙ  حڪومتون تبديلي نه آڻي سگهنديون، بلاول زرداري جو حساب  ٺيڪ نه پيو ٿيو ته سندس نالي اڳيان ڀٽو لڳايو ويو، رائيونڊ جي محل مان هلندڙ پارٽيءَ جو به اهو ئي حال آهي، نواز شريف جو ڀاءُ وزيراعظم ۽ ڌيءُ وزيراعليٰ اڄ به اداس نظر اچي رهيا آهن،هن چيو ته  ڳوٺن ۽ شهرن ۾ پاڙيسري سطح تي عوامي ڪميٽيون ٺاهيون وڃن، معيشت جي بهتري جون دعوائون ڪوڙ تي ٻڌل آهن. 10 ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن. عوام وٽ کاڌي پيتي جون شيون خريد ڪرڻ ۽ بجلي ۽ گئس جا بل ادا ڪرڻ جي طاقت ناهي، حڪمران عوام دشمن آهن، اسٽيٽس ڪو ۽ فرسوده نظام کي تبديل ڪرڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.