حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڳالهين جو ماحول خراب، پارليامينٽ ۾گوڙ

اسلام آباد (م ڊ) سينيٽ ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڳالهين جو ماحول بگڙي ويو. اجلاس ۾ اپوزيشن طرفان وزيراعظم جي ٻڌايل طريقي سان احتجاج ۾ اووو اووو جا آواز گونجندا رهيا. اجلاس ۾ شبلي  فراز ۽ وفاقي وزير احسن اقبال هڪ ٻئي کي طعنا هنيا ته اعظم نذير تارڙ به اپوزيشن تي تنقيد جا وار ڪيا.  اجلاس دوران سڀ اووو اووو ڪري واپس ويا.  اسپيڪر اپوزيشن ليڊر کي ڳالهائڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو جنهن تي اپويشن بيهي احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي. پي ٽي آءِ ميمبرن کي عمران خان جون تصويرون ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا. اپوزيشن اسپيڪر کي ڪورم پورو نه هجڻ جي نشاندهي ڪري ڇڏي جنهن تي اسپيڪر اجلاس 15 منٽن لاءِ ملتوي ڪيو. شبلي فراز چيو ته هڪ شخص هر روز نئين چورن کڻي اچي ٿو. ڪڏهن ويزن 2025 جو، ڪڏهن اڏام پروگرام ته ڪڏهن ملڪ کي ايشيائي ٽائيگر بڻائيندڙن گدڙ بڻائي ڇڏيو، نه سياسي استحڪام آيو نه ئي معيشت بهتر ٿي. شبلي فراز چيو ته پي آءِ اي جي نڪاري جي ڳالهه ٿي ته رڳو هڪ پارٽي سامهون آئي. 190 ملين پائونڊ ڪيس جو مقصد عمران خان کي سزا ڏيڻ هو، هڪ ٽڪو به عمران خان يا بشريٰ بي بي جي اڪائونٽ ۾ ناهي. شبلي فراز چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ايترا سياسي قيدي نه هئا جيترا اڄ آهن، مارشل لا جي دور ۾ به ايترا سياسي قيدي نه هئا، چئلينج ڪريان ٿو ته ڪنهن ٻي پارٽي جو مينڊيٽ کسيو وڃي ها ته هتي نظر به نه اچي ها. پي ٽي آءِ کان چونڊ نشان کسيو ويو، فارم 47 ذريعي ڪٺ پتلي حڪومت مڙهي وئي، اڄ ملڪي پارليامينٽ جو ڪارو ڏينهن آهي. القادر يونيورسٽي ٺاهڻ جو مقصد تعليم ڏيڻ هو. نواز شريف جي پٽ حسن نواز هڪ ملڪيت پراپرٽي ٽائيڪون کي وڪڻي، ڪابينا ۾ ٻڌايو ويو ته برطانوي ڪرائم ايجنسي چيو ته ان ڊيل کي سڀني سامهون نه آڻيو پر اوهان اهو ظاهر ڪيو ته جيڪو به ملڪ ۾ سٺو ڪم ڪندو ان جو خير ناهي. شوڪت خانم فنڊ ريزنگ ۾ رنڊڪون وڌيون پيون وڃن، 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ بحث هيٺ رقم قومي ناڻي ۾ واپس اچي وئي.  سينيٽ چيئرمين جي حڪم باوجود سينيٽر اعجاز چوڌري کي ايوان ۾ نه آندو ويو، پنجاب حڪومت نٿي چاهي ته اعجاز چوڌري کي هتي اچڻ ڏنو وڃي. تنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ سينيٽرن اعجاز چوڌري جون تصويرون کڻي سينيٽ ۾ احتجاج ڪيو ۽ سينيٽ چيئرمين جي ڊائيس سامهون بيهي نعريبازي ڪئي.   شبلي فراز جي جملن تي حڪومتي بينچ سخت احتجاج ڪيو ۽ پي ٽي آءِ سينيٽر کان معذرت جو مطالبو ڪيو.  پاڪستان کي گدڙ چوڻ تي احسن اقبال ۽ سينيٽر اعظم نذير تارڙ ايوان ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرايو. وفاقي وزير احسن  اقبال شبلي فراز کي جواب ڏيندي چيو ته هي ماڻهو ڪهڙِي وات سان قومي ايئر لائن جو نالو وٺن ٿا، هنن ئي ته ان کي بدنام ڪيو، قومي ايئرلائن تباهه ڪرڻ تي سندن خلاف جاچ ٿيندي. سيڙپڪاري نه اچڻ جي دعويٰ به غلط آهي، چين مان 3 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري اچي چڪي آهي. اعظم نذير تارڙ چيو ته هي غلط چئي رهيا آهن، گدڙ جو لفظ ختم ڪيو وڃي، ائين نٿو ٿي سگهي ته هي پاڪستان کي گدڙ چون ۽ اسان چپ ويهون.  هن چيو ته پنهنجا ڏوهه لڪائڻ لاءِ دين کي اوٽ طور استعمال نه ڪرڻ گهرجي. ان تي پي ٽي آءِ جي ميمبرن سينيٽ اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو. قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته حسين نواز خلاف جاچ شهزاد اڪبر شروع ڪئي ۽ پاڻ ان کڏي ۾ ڪري پيو، پي ٽي آءِ جو اين آر او جو مطالبو پورو نه ٿي سگهيو. ڪابينا ۾ بند لفافو آڻي منظوري ورتي وئي، 190 ملين پائونڊ ڪيس اوپن اينڊ شٽ ٽرانزيڪشن آهي. هي سدائين چوندا هئا ته اسان اين آر او نه ڏينداسين ۽ هاڻي سندن مطالبو اچي ويو آهي. پي ٽي آءِ جو مطالبو آهي ته دهشتگردي يا ڪرپشن تي جيڪي جيلن ۾ بند آهن، حڪومت ايگزيڪٽو آرڊر سان کين آزاد ڪري، ائين ته نٿو ٿي سگهي، هڪ قانوني طريقيڪار آهي ته اوهان عدالت ذريعي وڃو. ڳالهين واري ڪميٽي جو عمل جاري آهي، کين چيو ويو ته مطالبا لکت ۾ ڏيو اڃا تائين سامهون ناهن آيا. تنهن کانپوءِ سينيٽ چيئرمين حڪومتي ميمبرن کي خاموش ڪرايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.