عمرڪوٽ (غلام مصطفيٰ مهر) عمر ڪوٽ سامارو روڊ تي سونپور اسٽاپ لڳ ھان ڏاريندڙ روڊ حادثو پيش آيو آھي جتي ڪلٽس ڪار ۽ مزدا وچ ۾ زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ عمرڪوٽ شھر جي چنديرام پاڙو جي رھواسي منگھارام مالھي جو نوجوان پٽ ڪيلاش مالھي سندس ڀاڄائي جنتا زال سروڻ مالھي، 4 سالا ڪارتيڪ پٽ سروڻ مالھي، 6 سالا مھاوير پٽ سروڻ مالھي ۽ ڊرائيور پرشوتم اوڏ تڏي تي فوت ٿي ويا جڏھن ته معصوم ٻارڙو پرڪاش مالھي زخمي ٿي پيو جڏھن ته حادثي جي اطلاع تي پوليس ۽ مقامي ماڻھن زخمين ۽ فوتين کي سول اسپتال آندو جتي ايمرجنسي لاڳو ڪئي ويئي ۽ اطلاع ملڻ تي سوين شھري پڻ سول اسپتال پُھچي ويا جتي فوتين ج لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا جڏھن ته زخمي ٻارڙي کي طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو ھوڏانھن فوتين جا لاش گھر پُھچڻ تي روڄ راڙو قھرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ پڻ 5 ڄڻا فوت ٿيڻ تي سوڳوار ماحول ڇائنجي ويو ۽ ھر ک آلي ھئي.