ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي جيڪب آباد ضلعي ۾ هڪ ٻار پوليو وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو، ٻارڙي کي گذريل سال پوليو جو شڪار قرار ڏنو ويو هو. اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻار ۾ پوليو جون علامتون 27 ڊسمبر تي ظاهر ٿيون، تنهنڪري اهو 2024 جو ڪيس آهي.اختيارين موجب 2024ع تائين پاڪستان ۾ پوليو جي ڪيسن جو انگ وڌي 71 ٿي ويو آهي. جيڪب آباد ۾ 2024ع ۾ پوليو جا 5 ڪيس سامهون آيا.بلوچستان ۾ پوليو جا 27، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه مان 21، جڏهن ته پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ هڪ هڪ ڪيس سامهون آيو آهي.