گمبٽ ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 3 ڄڻا پراسرار نموني فوت

گمبٽ (رپورٽ: قمرالدين شيخ )گمبٽ جي غريب آباد محلي ايڪسچينج روڊ واسي مسيع برادري سان تعلق رکندڙ ٽي نوجوان ٻارنھن ڏينھن اندر لاڳيتو فوت ٿي ويا جنھن ۾ ٻارنھن ڏينھن اڳ نوجوان مدن مسيع اچانڪ فوت ٿي ويو جنھن بعد گذريل آچر تي صبح جو اچانڪ وڪي ڪمار مسيع فوت ٿي ويو فوتي ٻئي سئوٽ هئا، ساڳي رات فوتين جو ڀاڻيجو لاڙڪاڻي واسي جيڪو مھمان ٿي آيل شاھد عرف شھزادو پڻ اچانڪ فوت ٿي ويو آھي ٽنھي نوجوانن جو ھڪ ئي ڪٽنب سان تعلق آهي، سندن گھرن ۾ ڪھرام متل آهي، ٽنھي نوجوانن جي فوت ٿيڻ جو ڪارڻ ڪچو شراب واپرائڻ ٻڌايو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.