جبري گمشدگين لوڏي ڇڏيو ، بلوچن ۽ سنڌين جو خيال ڪريو: چيف جسٽس

اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي چيو آهي ته مسنگ پرسنز واري معاملي مون کي ڌوڏي ڇڏيو آهي،  چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سان سپريم ڪورٽ پريس ايسوسيئيشن جي ميمبرن ملاقات ڪئي، جنهن دوران صحافين کي عدالتي ڪارروائي ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن ۽ ٻين مختلف معاملن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي، ان موقعي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جو هر جج آزاد آهي، ججز کي بريڪٽ نه ڪرڻ کپي، ججز تي تنقيد ٿيڻ گهرجي پر تعميري  تنقيد هئڻ گهرجي، چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ سڌارن بابت ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن، هاءِ ڪورٽ جي اٿارٽي جو تمام گهڻو احترام آهي، ضلعي عدالتون هاءِ ڪورٽ جي ماتحت آهن، سڌو سنئون هاءِ ڪورٽ جي اختيار يا ماتحت عدليه ۾ مداخلت نه ٿيندي، سپريم ڪورٽ جي رخ کي تبديل ڪري انصاف جي فراهمي کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو، هن چيو ته جڏهن ڪوئٽا ويس ته 5 بار ايسوسيئيشنز مسنگ پرسنز بابت شڪايتون پيش ڪيون، مسنگ پرسنز واري مسئلي مون کي لوڏي ڇڏيو آهي، گم ٿيل ماڻهن جا ڪيس ورتا ويندا، بلوچ ۽ سنڌين جو به خيال رکڻ گهرجي، سنڌي ۽ بلوچ ججز کي قبول ڪرڻ گهرجي،  چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جو چوڻ هو ته منهنجو ويزن اهو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس فائل ٿيڻ تي سائل کان اي ميل ايڊريس ۽ واٽس ايپ نمبر ورتو وڃي، ان ذريعي ڪيس جي فائلنگ کان فيصلي تائين سڀئي آرڊر کيس ملندا رهندا،  هن وڌيڪ چيو ته ارجنٽ درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ پڻ هڪ ميڪينزم جوڙي رهيا آهيون، اسان جي ججن 8 هزار ڪيس مختصر وقت ۾ حل ڪيا آهن، ڪيس مينيجمينٽ کي بهتر بڻائڻ سان انصاف جي فراهمي ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي، چيف جسٽس چيو ته پاڪستان ۾ چونڊن جي عذرداريون ٻڌڻ لاءِ اسپيشل بينچز ٺاهي چڪا آهيون، فوجداري ۽ ٽيڪس جا ڪيس ٻڌڻ لاءِ پڻ اسپيشل بينچز ڪم ڪنديون، مستحق سائلن کي ضلعي عدالت ۾ مفت وڪيل جي سهولت ڏني ويندي، جيلن جي دوري دوران قيدين سالن کان ڪيسن بابت فيصلا نه ٿيڻ جي شڪايت ڪئي، قيدين جي ان شڪايت تي تمام گهڻو شرمسار ٿيس، هن جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ ۾ روزانو پراڻن ٻن کان ٽن ڪيسن کي اسپيشل بينچز ۾ ٻڌڻ لاءِ رکيو ويندو، سپريم جڊيشل ڪائونسل کي متحرڪ ڪيو ويو آهي، سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ججز خلاف شڪايتن تي ڪارروائي جاري آهي،  چيف جسٽس چيو ته اي ڊي آر تي جسٽس منصور علي شاهه تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، ان تي کيس سلام پيش ڪريان ٿو، اي ڊي آر جو نظام اسلام آباد کان شروع ڪيو ويندو، ان کانپوءِ ٻين ضلعن تائين پهچايو ويندو، هن چيو ته اسان سڀ ججز پاڻ ۾ ڀائر آهيون، وقت سان گڏ شيون ٺيڪ ٿينديون، پنهنجي راءِ کي ڪنهن دوست يا ساٿي تي مڙهڻ نه چاهيندس، منهنجي راءِ آهي ته گڏيل دانش سان اڳتي وڌڻ گهرجي، عدليه لاءِ گذريل ٽي چار سال ڪيسن جي حوالي سان ڏاڍا سخت هئا، جسٽس يحيٰ آفريدي جو چوڻ هو ته اُهو وقت گذري ويو جڏهن ججز هڪ ٻئي خلاف موقف رکندا هئا، ججز ڪنهن الزام تي جواب نٿا ڏئي سگهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.