ڀارتي آرمي چيف ڪشميري مجاهدن کي پاڪستاني قرار ڏئي ڇڏيو

نئين دهلي ( م ڊ) ڀارتي آرمي چيف هڪ ڀيرو ٻيهر ڪوڙ جو پول کولي ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي ناڪامين جو ملبو پاڪستان تي وجهي دنيا  جي اکين ۾ مٽي وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، عالمي خابرو اداري موجب دنيا کي دهشتگردي برآمد ڪندڙ ڀارت جي آرمي چيف ڪوڙ سان ڀرپور پريس ڪانفرنس ڪئي آهي، جنهن ۾ هن هڪ ڀيرو ٻيهر رياستي ۽ فوجي ناڪامين جو الزام پاڪستان تي لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، راڄڌاني نئين دهلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڀارتي آرمي چيف جنرل اوپندرا ڊويدي ڪشميرين جي آزادي جي تحريڪ ۽ جذبي کي ڪچلڻ ۾ ناڪامي تي ڪوڙو بيان ڏنو ۽ ڪشميرين جي آزادي جي ويڙهاڪن کي پاڪستاني قرار ڏنو، پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ هن دعويٰ ڪئي آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ صورتحال مڪمل ڪنٽرول ۾ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.