شڪارپور ۾ جوابدار زال ۽ نوجوان کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏيو

شڪارپور (رپورٽ: ذوالفقار مگسي) شڪارپور جي نيو فوجداري ٿاڻي جي حد ريلوي ڦاٽڪ ويجھو واحد بخش عرف واحدو بروھي پنھنجي گھر واري شاھدہ لغاري کي لال شيخ سان ڪارنھن الزام ڏيئي  گوليون ھڻي قتل ڪرڻ بعد اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد ناڪي ويجھو چڻگي مقام واسي نوجوان لال بخش پٽ عبدالستار شيخ  کي گوليون ھڻي زخمي ڪيو ٻانھن ۽ سيني ۾ گوليون لڳڻ سبب نوجوان کي شڪارپور اسپتال مان سکر ريفر ڪيو ويو جتي ھن دم ڌڻي حوالي ڪيو. مقتول عورت جو لاش رات دير سان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جڏھن ته اسپتال ۾ فوت ٿي ويل نوجوان جو لاش سکر کان کڻائي شڪارپور اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس مطابق جوابدار فرار ٿي ويو آھي ڳولا ڪئي پئي وڃي. ٻئي پاسي مقتول نوجوان جي وارثن ۾ تاءُ پکڙيل آھي شڪارپور شھر جي ٻنھي رھواسي ڌرين ۾ جھيڙي جو امڪان آھي، جڏھن ته واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.