ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ حڪومت ۾ وڌيڪ 8 ترجمانن ۽ 12 خاص مددگارن مقرر ڪيا ويا. تفصيل مطابق سنڌ ڪابينا ۾ توسيع ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وڌيڪ 8 ترجمانن ۽ 12 خاص مددگارن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ حڪومت لاءِ 8 ترجمانن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن بعد نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. جن کي سنڌ حڪومت جو ترجمان مقرر ڪيو ويو آهي انهن ۾ نادر نبيل گبول، سُک ديوا سرداس هيماڻي، بلند خان جوڻيجو، سميتا افضل، سيده تحسين عابدي، هير سوهو، سيده عقرب فاطمه ۽ مصطفيٰ عبدالله بلوچ شامل آهن. ان سان گڏ سنڌ حڪومت جي ترجمانن جو انگ 18 ٿي ويو آهي. ان کان علاوه سنڌ حڪومت 12 خاص مددگار پڻ مقرر ڪيا آهن. نوٽيفڪيشن موجب رضا هارون، پير سيد افضل شاھ جيلاني، لياقت علي اسڪاڻي، تنزيلا ام حبيبه، امير حمزه رئيس، خير محمد شيخ، امان الله محسود، ڪلثوم چانڊيو، محمد علي راشد، محمد علي ڀٽو، حسين اسلم ۽ ويرجي ڪولهي کي خاص اسسٽنٽ طور ڪيو ويو آهي.اڳ ۾ خاص مددگارن جو تعداد 10 هو جيڪو هاڻي وڌي 22 ٿي ويو آهي.