گجرات ( م ڊ ) پوليس موجب 4 ورهين جي نينگري جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ان سان زيادتي جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ 3 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي جن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي. نينگري کي هڪ هفتو اڳ ٽيوشن تي وڃڻ دوران اغوا ڪيو ويو هو، جنهن جو لاش ٻوري ۾ مليو هو. نينگري جي ماءُ انصاف جو مطالبو ڪندي چيو ته نينگري 13 سالن جي دعائن بعد پيدا ٿي هئي، جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.