سدائين وانگي هاڻي به ملڪ ٻه واٽي تي اچي ويو آهي، عوام ٻه واٽي تي بيٺو آهي يا ملڪي سياستدان پاڻ ٻه واٽي تي اچي بيٺا آهن. اها ڳالهه به مڃون ٿا ته سياستدانن جي هميشه وانگيس هڪ ٽنگ جيل ۾ هوندي آهي ته ٻي ڄنگهه ريل ۾ هوندي آهي. اهي اڃان تائين ان تذبذب ۽ اضطراب جو شڪار رهندا ٿا اچن ته ڪير غلط آهي يا ڪير صحيح آهي. انهن جي پائيدار سياست جو حل اڃان به انهن فوجي اسٽبلشمينٽ جي عملدارن وٽ ئي آهي ته اهي جنهن کي رکن، جنهن کي ڪڍي ڇڏن، جيڪو انهن جي اک جو تارو هوندو اهو ئي ديرپا حڪومت ڪري سگهندو، ڪرسي ان جي جنهن جي فوجي اسٽبلشمينٽ، جي نه ته پوءِ اهو سياستدان به جيل ۾ ويندو، ريل ۾ هوندو، ڦاهي تي يا ڪال ڪوٺڙي ۾ هوندو. حالت اها به آهي ته جيڪي سرڪاري عملدار (نوڪري ڪندڙ) پاڻ حلف داري کانپوءِ به سياست ۾ حصو وٺندا آهن يا جڏهن اهي پاڻ ئي سياست ڪن ته پوءِ ان حلف نامي يا قسم نامي جو ڪهڙو جواز رهجي ٿو وڃي؟
اهو سوال وري اهو به آهي ته ٻه واٽي تي اهي به آهن جن عملدارن کي حلف ۾ اهو چَوِرَايو ويندو آهي ته توهان سياست ۾ حصو نه وٺندا ته معني نه وٺندا. هڪ عام سرڪاري ملازم جڏهن سياست ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت، موافقت يا مصالحت نه ٿو ڪري يا ڪرائي سگهي ته پوءِ مٿين ليول تي اهي سڀ قسمن قرآنن جي باوجود به سياست ۾ ڇو يا حرفتون ڇو؟ يا پوءِ حلف ناما ڪاڏي ويا. مثال ڪورٽن ۾ جڏهن عام ڏوهاري، جوابدار يا ڪو فريادي کان قسم نامو ورتو ويندو آ ته ”تون هن مصحاف تي هٿ رک ۽ قسم کڻ ته تون جيڪو به چوندين اهو سچ هوندو ۽ سچ کانسواءِ ڪجهه به نه هوندو ته اهو فريادي، جوابدار، ڏوهي، ملزم يا مجرم به سندن کان قسم کڻائي ته تون جيڪو ڪندين اهو انصاف هوندو ۽ انصاف کانسواءِ ڪجهه به نه هوندو“ پر اها ڳالهه ڪير نه ڪندو ڇو ته اسان وٽ شيون سڌيون ناهن.
هڪڙو اڳواڻ (عمران خان) طالبان جي حمايت ڪري به پاڻ کي صحيح ثابت ٿو ڪري حلانڪي طالبان جي ڪري ملڪ کڏ جي تري ۾ وڃي پهتو آهي، هن جي دور ۾ ملڪ بليڪ لسٽ ٿيندي ٿيندي بچي ويو پر طالبان جي پوءِ به پٺڀرائي پيو ڪري، وري ٻيو اڳواڻ (بلاول ڀٽو) علي اعلان انهن طالبان کي للڪاري ٿو، طالبان جي خلاف يو اين او جي پليٽ فارم تي به پنهنجي ملڪ جي وقار جي لاءِ آواز بلند ٿو ڪري، پنهنجي سياسي وفاداري جا ثبوت ٿو ڏئي ته اهي طالبان اسان جي ملڪ جي لاءِ انتهائي خطرناڪ آهن. وري هڪڙو اڳواڻ (شهبازشريف) جڏهن ڪرسي ٿو وٺي ته ان ڏينهن تي انتهائي جذباتي ٿي اهو چئي ٿو ويهي ته “مان ڪپڙا کپائي به غريب ماڻهن جي اٽي، لٽي ۽ اجهي جي پورت ڪندم“ (پر چوندا آهن ته ڪاوڙ ۾ ڪو فيصلو نه ڪجي ۽ خوشيءَ ۾ ڪو واعدو نه ڪجي) وري اڃان ڪجهه مهينا مس ٿا گذرن ته اهو ئي اڳواڻ اعلان ٿو ڪري ته مهانگائي وڌي ويندي، پر سوال اهو به آهي ته هن جا ڪپڙا ايترا مهانگا هجن ٿا جو اهي کپندا ته 30 ڪروڙ عوام جي اٽي لٽي اجهي جو بندوبست ٿي ويندو يا اهو به هڪ مفروضو سمجهون يا ان کي سياست به چوندا آهن. ان ڪري عوام هر گهڙي هر ڳالهه لاءِ تيار رهي. وري هڪڙي سياسي اڳواڻ (مريم نوازشريف) اعلان ٿي ڪري ته شهبازشريف جڏهن به پيٽرول، گيس ۽ بجلي جون قيمتون واڌئيدو آهي ته هو روئي پوندو آهي پر هاڻي ته عوام ٿو روئي! جو هردفعي هي عوام کي چريو ڪري پيٽرول جون قيمتون ٽيھ ٽيھ روپيا به وڌائي به ويا جنهن جي عوام عذاب ۾ اچي ويو ۽ ان کانپوءِ ڪيل مهنگائي لهي نه ٿي ۽ ڏينهون ڏينهن وڌندي ٿي وڃي، ڇر جڏهن پيٽرول، گيس ۽ بجلي جي اگهن لاهڻ جي ڳالهه ٿي اچي ته اتي ٽڪو پيسو ڪري مڙئي اگھن جي لاٿ ٿا ڪن، ۽ عوام انهن کي ڏسندو رهجي ٿو وڃي. ان ڪري ته سوال اهو به آهي ته اهي جيڪي آءِ ايم ايف کان پئيسا ٿا وٺن اهي وڃن ڪاڏي ٿا يا ڪنهن کي ٿا ڏين يا ڪنهن جا ڀڀ ٿا ڀرن؟ ڇو ته حڪمرانن ملڪ جي ڏيوالي جون ڌمڪيون ڏئي ڏئي هاڻي ته انهن حڪمرانن غريب ماڻهوءَ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ ملڪ جو الائي جي ڪڏهن نڪرندو جو غريب ماڻهن جي جان ڇٽندي، جو هاڻي اماراتي عربن جو قرض ”رول اوور“ ڪرڻ تي شهباز شريف خوش ٿو ٿئي، پر جڏهن اهو قرض ڏيڻو پيو ته روپئي جو اگھ ايترو گهٽجي ويندو جو اهي ٻه ارب ڊالر پاڪستاني روپئي ۾ ٻيڻا چوڻا ٿي ويندا يا اهو قرض ايندڙ سرڪار جي ڳچيءَ ۾ ضرور هوندو جو هي ٽاري ويا ته ايندڙن کي گهران ڀري ڏيڻو پوندو.
هڪ ته سياست ۾ عدم استحڪام پنهنجي جاءِ تي پر هيل تائين اها ڳالهه ڏٺي وئي آهي ته جيڪي به سياسي اتحاد ٺهن ڊهن ٿا اهي رڳو ان ڳالهه جي پڪ ڪرائيندآ آهن ته انهن اتحادن جي هوندي وقت جي سرڪار پنهنجو مدو پورو ڪندي ۽ جي اهي اتحاد ڪنهن سياسي مفاد تحت ٽٽا به ته حڪومت نه ويندي. ان ڪري اتحادين جي راند رڳو هڪٻئي جي ڪرپشن، هڪٻئي جي سياسي لڪ ڇپ، هڪٻئي جي چوري، هڪٻئي کي سياسي تحفظ يا هڪٻئي جي سياسي پلاند لاءِ استعمال ڪندا ٿا وتن. ان ڪري اتحاد ڪڏهن به ملڪ جي وسيع تر مفاد يا عوام جي ڀلائي لاءِ نه ٿا ٺهن، اهي اتحاد پوءِ مصلحتن به چپ ڌَريون ٿا وتن، اهي سمجهن ٿا اڄ جو اتحاد سڀاڻي جون ڪجهه اميدون به کڻي ايندو. اهي سڀ اڳواڻ هڪٻئي جون چوريون لڪائي هڪٻئي کي طُول ڏئي ويندا آهن. حڪومتن جي ڊيگھ به انهن اتحادين جي مرهونِ منت هجي ٿي ته هڪٻئي جا هٿ مضبوط ڪري هڪٻئي جي همت افزائي ڪري پيا حڪومتون هلائيندا رهو. چوڻ اهو به آهي ته آءِ ايم ايف به رڳو مخالفن کي بُري ٿي لڳي، فوجي اسٽبلشمينٽ جا جهيڙا به رڳو مخالف ڌر کي ڪرڻا ٿا پون، اها به حقيقت آهي ته جن ملڪن ۾ فوج، عدليا ۽ پارليامان هڪ ئي هَٿ ِوَسِ ۽ هڪ طاقت جي هيٺ هوندي آهي ته انهن ملڪن ۾ ڪجهه ٺاپر هوندي آهي. جن ملڪن ۾ فوج قسم کڻڻ کانپوءِ واقعي جيڪڏهن سياست ۾ پير نه ٿي پائي ته انهن ملڪن ۾ سياستدان ايماندار ۽ ملڪ ۾ قانون جي بلي بلي هوندي آهي. پر اسان وٽ اها مصيبت تمام گھڻي آهي ته فوج به سياسي پسنديديگي يا ناپسنديدگي جي ڪري ٻه اڌ لڳي پئي آهي. ائين به آهي ته جيڪو سيڪيولر طبقو آهي، ۽ جيڪو مذهبي جنون ۾ ورتل آهي اهو به ٻه واٽي تي بيٺل آهي، جيڪي خلق انهن جي پويان هوندي آهي، اهي به ٻه اڌ هوندا آهن. ان ڪري ساڳو حال عدليا جو به آهي ته اهي به جنهن کي پسند ڪن ٿا انهن کي ميڊيڪل جا ڪوڙا سرٽيفڪيٽ ڏئي به لنڊن روانا ٿا ڪن. جيڪي وري جنهن اڳواڻ کي پسند نه ٿا ڪن انهن جي خلاف پوءِ ڪجهه به چئي نه ٿا سگهن، يا ڪجهه به فيصلو ڏئي سگهن ٿا، پوءِ اهو وري سالن پڄاڻان پاڻ ئي مڃيندا آهن ته عدالت غلط ڪيو، ان ڪري اهي شيون ائين ئي پيون هلنديون، جيئن هلن پيون.
پر حيرت اها به آهي ته هر اڳواڻ (وڏي سطح تي) اها ڳالهه بجا ٿو چئي ته ملڪ خطري ۾ وجھڻ وارا اهي هيا جيڪي سرڪاري هلائي هليا ويا ۽ هاڻي اسان ملڪ بچائينداسين ۽ اهي ئي وري جڏهن لهي هليا ٿا وڃن ته اچڻ شرط اهو ٿا چون ته اسان ملڪ بچايو آهي ته پوءِ تباھ ڪنهن ڪيو؟ يا ملڪ کي هن هاڻوڪي صورتحال ۾ ڪنهن آندو؟ مثال جيڪي به قرض پکا ملن ٿا اهي رڳو اشرافيا ۽ اُمراءَ جي عياشيءَ ۾ هليا ٿا وڃن ۽ انهن پيسن مان عام ماڻهن جي ٽڪي جي به ڀلائي نه ٿي ٿئي، ان ڪري جو بجيٽ جا خسارا غريب ماڻهو پنهنجي هڙان وڙان ئي بچائي ٿا وٺن، ڪرنٽ اڪائونٽ جا خسارا به مهانگائي وڌائي پورا ٿا ڪن. پر ڳالهه رڳو اها سمجهائن ته قومي مفاد جي معني انهن وزيرن ۽ اميرن جي ڊڪشنريءَ ۾ ڇاهي؟ يا اهي ملڪ جي ڀلائي ڪهڙي ريت ٿا چاهن؟ا اها ڳالهه به مڃون ٿا ته ملڪ جو ڏيوالو غريب ته ناهي ڪڍيو، پر ابتو غريب عوام جي کيسي ۾ آءِ ايم ايف جي قرضن جون قسطون ٿيون پون. غريب عوام کي ڪڏهن اهي قومي خزاني جا پئيسا ڀانءَ ٿا پون جو ماڻهو ان ڳالهه جي شاهدي ڏين ته هي سرڪار يا اڳوڻي سرڪار ڪهڙا ڦاڙها ماري هلي وئي. پر ڳالهه اها به آهي ته هي سرڪار ڇا ڪندي، ايندڙ سرڪار تي عوام ڪيئن ڀاڙي ته اها ايندي ته اٽو ان مهل ٻه سو روپيا ڪلو به ٿئي ته ڪير ڪڇندو يا پيٽرول جي پنج سو روپيا به ٿيو ته عوام ڇا ڪري سگهندو يا ڪهڙي سرڪار آهي جنهن اچڻ سان سستائي ڪئي هجي، ان ڪري جيستائين ڪا به سرڪار مهانگائي نه ٿي ڪري تيستائين اهي پنهنجي سرڪار نه هلائي سگهندا يا جيستائين اهي عوام جي چيلھ نه ڀڃندا تيستائين اهي آرام سان نه ويهندا. ان ڪري ڳالهه آءِ پي پي پيز جي هجي يا ڳالهه آءِ ايم ايف جي قرضن جي هجي، پر عوام ان سموري وارتا ۾ فرنٽ مين آهي جنهن کي سرڪار جي پورت ڪرڻ پوندي.