مهانگائي، هفتي دوران 18 شين جي اگهن ۾ واڌ

اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ هڪ هفتي دوران 18 ضروري شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي وئي آهي، شماريات کاتي هفتيوار بنيادن تي مهانگائي جي ڊيٽا جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب هڪ هفتي دوران 18 ضروري شين جي اگهن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. هڪ هفتي دوران دال مڱ جي اگهه ۾ 2.56 سيڪڙو اضافو ٿيو. پنج ليٽر ڪوڪنگ آئل 1.56 سيڪڙو، کنڊ 1.23 سيڪڙو، گيهه، بريڊ، ٿوم ۽ ڪاٺيون مانگهيون ٿيون، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مهانگائي جي وڌندڙ شرح ساليانو بنيادن تي 1.90 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، هفتي دوران 10 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي جڏهن ته 23 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو، گذريل هفتي ٽماٽن جي في ڪلو قيمت ۾ 31.40 سيڪڙو گهٽ ٿي، جڏهن ته پٽاٽا 10.36 سيڪڙو سستا ٿيا، هڪ هفتي ۾ بيدا 5.96 سيڪڙو ۽ دال چڻا 1.64 سيڪڙو سستي ٿي، ان کان سواءِ بصر، چانور، دال ماش به سستي شين ۾ آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.