اسلام آباد(م ڊ) اسٽيٽ بئنڪ موجب هلندڙ مالي سال جي 6 مهينن ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين 33 سيڪڙو وڌيڪ رقم موڪلي، جاري ڪيل انگن اکرن موجب، اوورسيز پاڪستانين ڊسمبر 2024ع ۾ 3.07 ارب ڊالر ملڪ موڪليا ، اها رقم ڊسمبر 2023ع جي ڀيٽ ۾ 29 سيڪڙو وڌيڪ آهي، سڀ کان وڌيڪ رقم سعودي عرب مان 77 ڪروڙ ڊالر ۽ گڏيل عرب امارات کان 63 ڪروڙ ڊالر، برطانيه کان، 45 ڪروڙ ڊالر، يورپ مان 36 ڪروڙ ۽ آمريڪا مان 28 ڪروڙ ڊالر پاڪستان موڪليا ويا، ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ملڪي معيشت جو ڦيٿو جام ڪرڻ جو نعرو هڻندڙن جون دعوائون اڌوريون رهجي ويون، هي پاڪستاني ڀائرن جي عزم جو ثبوت آهي ته ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، معاشي استحڪام کانپوءِ پاڪستان معاشي ترقي جي راهه تي گامزن ٿي ويو آهي، پاڪستان حڪومت ملڪي ترقي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ پرعزم آهي.