پشاور(م ڊ)خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بيرسٽر ڊاڪٽر سيف چيو آهي ته مريم نواز کي پي ٽي آءِ باني عمران خان بنجڻ بجاءِ عوامي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. مريم نواز جي بيان تي رد عمل ڏيندي بيرسٽر سيف چيو ته مريم نواز پي ٽي آءِ باني جهڙو بنجڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي، عمران خان شريف خاندان جي ذهنن تي سوار آهي، شريف خاندان کي خواب ۾ به پي ٽي آءِ باني نظر ايندو آهي. هن چيو ته مريم نواز کي پي ٽي آءِ باني بنجڻ جي بجاءِ عوامي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، پنجاب جو پئسو عوام تي خرچ ٿيڻ بجاءِ لنڊن منتقل ٿي رهيو آهي. جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ عوام جو پئسو عوام جي فلاح ۽ بهبود تي خرچ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي اڳواڻي ۾ ڪي پي پهريون قرض لاهيندڙ صوبو بڻجي ويو آهي، جيڪو اڳواڻ مٿي جي سور جي علاج لاءِ به لنڊن ويندو هجي اهو عوام لاءِ ڇا ڪندو؟