ملتان (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ مهر بانو قريشي وزيراعليٰ پنجاب کي سخت جواب ڏيندي چيو ته مريم نواز وٽ جانورن جو علاج آهي، پليٽليٽس گهٽجڻ جو به علاج هوندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ضمني چونڊن ۾ منهنجو مخالف اميدوار هارايو هو، مخالف ڌانڌلي کانسواءِ کٽي نه سگهي ها. شاهه محمود قريشي جي ڌيءَ مريم نواز جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو ته جعلي مينڊيٽ تي ويٺل وزيراعليٰ ڌمڪيون ڏئي ٿي. جنهن کي هو علاج چوي ٿي ان کي فراڊ، دوکو، فطائيت ۽ انصاف جو قتل چون ٿا.