لاس اينجلس( ع آ نيوز) آمريڪي شهر لاس اينجلس ۾ باهه چوٿين ڏينهن به جاري، 10 هزار عمارتون سڙي رک، فوتين جو انگ وڌي ويو. رپورٽ موجب خوفناڪ باهه 32 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ ايراضيءَ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. متاثر علائقن ۾ باهه لڳڻ سبب 10 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي. خشڪ ۽ تيز هوا جي امڪان باهه جي خطري کي وڌايو وڃي. آمريڪي اختيارين موجب هن وقت به هالي ووڊ هيلز، پاساڊيٽا سميت 6 هنڌن تي باهه لڳي رهي آهي.لاس اينجلس ۾ جهنگ ۾ لڳل باهه ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. شهر ۾ هر قسم جي 10,000 کان وڌيڪ عمارتون، گهرن ۽ عبادت گاهه کان، سڙي ويون آهن. فائر برگيڊ عملو باهه تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جڏهن ته پوليس جاچ ڪري رهي آهي ته باهه ڄاڻي واڻي لڳائي وئي. باهه ڏيڻ جي شڪ ۾ هڪ جوابدار سميت ڦرلٽ ۾ ملوث 20 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا آهن.