سنڌ بزرگن جي ڌرتي آهي، جتان هميشه امن جو پيغام مليو:فيصل ڪريم

ٺٽو(ڊر) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي شيرازي هائوس ٺٽي تي آمد، شيرازي ڀائرن سان ملاقات، گورنر پاران شيرازي  ھائوس ٺٽي تي پھچڻ تي سندس شڪريو ادا ڪيو ويو. خيبر پختون خوان جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي شيرازي ھائوس ٺٽي تي پھچي اڳوڻي ضلعي ناظم سيّد شفقت حسين شاھ شيرازي، صوبائي وزير سيّد رياض حُسين شاھ شيرازي، اڳوڻي ايم پي اي سيّد امير حيدر شاھ شيرازي، سيّد تنوير حيدر شاھ شيرازي، سيّد اظھار حُسين شاھ شيرازي، سيّد زوار اياز شاھ شيرازي ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي، جتي شيرازي ڀائرن پاران آيل مھمان گورنر پختونخوا جو مانائتو استقبال ڪري کيس سنڌ جي ثقافت لونگيون پهرايون. ان موقعي تي گورنر پختونخوان فيصل ڪريم ڪنڊي شيرازي ڀائرن جو ٿورو مڃيندي چيو ته کيس جيڪو شيرازي ڀائرن مان مرتبو ڏنو اھي، ھو انھن جو تھ دل سان شڪر گذار آھي، ھن چيو ته سنڌ درويشن، اوليائن، بزرگن جي ڌرتي آهي، جن هميشه امن، پيار، محبت جو پيغام ڏنو آھي، سنڌ ۾ اچڻ تي کين سڪون ۽ پنھنجائپ محسوس ٿئي ٿي، جنھن جي ڪمي شيرازي ڀائرن پوري ڪري ڇڏي آھي. ان موقعي تي سيد شفقت حسين شاهھ شيرازي ۽ صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھه شيرازي،  گورنر پختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊي جو ٿورو مڃيندي چيو ته سنڌ سڄي دنيا ۾ مھمانوازي ۾ پنھنجو مٽ پاڻ آھي، جنھن جي ثقافت به ھزارين سال پراڻي ۽ نرالي آھي، جنھن تي اسانکي فخر آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.