بدين(ڊ ر)بدين ۾ امير شاھ سم نالي لڳ قديم ڳوٺ عبدالله منڌرو اڪري جاگير جو رهواسي محمد حسن منڌرو پنهنجي ٻني ۾ مال چاري رهيو هو ته ڀرسان رهندڙ پنهور برادري جي ماڻهن هر هڪ بشير پنهور ، دائود پنهور ۽ ٻين گڏجي حملو ڪري محمد حسن منڌرو کي ڪهاڙين سان سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا آس پاس جي رهواسين کيس نازڪ حالت ۾ تعلقه اسپتال گولاڙچي پهچايو جتان حيدرآباد نيو ويو جتي زخمي رت گهڻو وهن سبب فوت ٿي ويو فوتي جي ڀائرن محمد منڌرو ، غلام رسول منڌرو ٻڌايو ته ساڻن پنهور برادري جي ماڻهن وڏو ظلم ڪيو آهي سندن پيرسن ڀاءُ شريف ۽ سادو ماڻهو هو جوابدارن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي علائقي ۾ سخت ڇڪتاڻ آهي ۽ آس پاس جي منڌرا برداري جي درجنين ڳوٺن جا رهواسي گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويا