ڪراچي( رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ سڄي سنڌ جي لوڪل ڪائونسلن، ٽائون ۽ ميونسپل ڪميٽين ۽ يوسيز جي ڪارڪردگيءَ کي سواليه نشان قرار ڏيندي بلديات کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽريءَ کان سڄي سنڌ جي ميونسپل ڪارپوريشنن، ضلع ڪائونسلن، ٽائون ۽ ميونسپل ڪميٽين ۽ يوسيز کي هر مهيني جاري ٿيندڙ او زيڊ ٽي فنڊن ۽ انهن فنڊن مان ٿيل خرچن سميت لوڪل ڪائونسلن جي سڀني ملازمن جي ڊيٽا تي ٻڌل تفصيل طلب ڪري ورتا ،جڏهن ته پي اي سيءَ لوڪل ڪائونسلن ۾ ساليانو 80 لک روپين کان وڌيڪ پئٽرول جي مد ۾ خرچن جي معاملي جي پڻ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري بلديات کي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ،پي اي سيءَ جو اجلاس چيئرمين نثار احمد کهڙو جي صدارت ۾ ٿيوميونسپل ڪميٽي پنوعاقل جي سي ايم او پي اي سيءَ کي ٻڌايو ته ميونسپل ڪميٽيءَ جو چيئرمين صرف هر مهيني 600 ليٽر پئٽرول استعمال ڪري ٿو باقي ميونسپل ڪميٽيءَ جي 17 گاڏين کي پڻ پئٽرول ڏنو ويندو آهي، نثار کهڙو کانئنس پڇاڻو ڪندي چيو ته صوبائي وزيرن ۽ سيڪريٽرين جي پئٽرول جي حد پڻ هر مهيني 300 کان 400 ليٽر آهي ته پوءِ هڪ ميونسپل ڪميٽيءَ جو چيئرمين هر مهيني 600 ليٽر پئٽرول ڪيئن استعمال ڪري رهيو آهي،پي اي سيءَ ميونسپل ڪميٽي پنوعاقل پاران منظوريءَ جي بغير 63 ڊيلي ويجز ملازمن جون ڀرتيون ڪرڻ تي ان وقت جي لاڳاپيل آفيسر کي معطل ڪرڻ جو به حڪم جاري ڪيو. پي اي سي چيئرمين ضلع ڪائونسل گهوٽڪي پاران ٽينڊرن جي بغير 3 ڪروڙ روپين جون ڪوٽيشن ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته لوڪل ڪائونسلن ۾ 95، 95 هزار جون ڪوٽيشن ڪري پئسا ڪڍڻ معمول بڻجي ويو آهي. هاڻي اِهو طريقو نه هلندو ان لاءِ لوڪل ڪائونسلون ڪوٽيشن ڪرڻ بدران ٽينڊر ڪرائي ڪم ڪرائن. نثار کهڙو چيو آهي ته اربين روپيا لوڪل ڪائونسلن تي خرچ ٿيڻ باوجود ٻهراڙين وارن علائقن ته ڇا شهرن جي به حالت تسلي بخش ناهي.