پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي ضلعي لڪي مروت ۾ هٿياربندن حساس اداري پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي 16 ملازمن کي ڊرائيور سميت اغوا ڪري ورتو. هٿياربندن ملازمن کي اغوا ڪري سندن ويگن کي باهه ڏئي ڇڏي. قبول خيل وارو علائقو پنجاب جي عيسيٰ خيل جي سرحد ويجهو آهي ۽ اتي يورينيم لاءِ کوٽائي جو منصوبو اٽامڪ انرجي ڪميشن تحت هلندڙ آهي. سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس علائقي کي گهيري ۾ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪيو،8 ڄڻا بازياب ڪيا ويا، ڪنهن ذميواري قبول ناهي ڪئي پر ڪجهه وڊيوز سامهون آيون جن ۾ ملازمن کي اهو چوندي ٻڌي سگهجي ٿو ته هو طالبان وٽ آهن، سندن مطالبا مڃيا وڃن. وڊيوز جي تصديق ناهي ٿي سگهي. ڪنهن تنظيم ان جي ذميواري قبول ناهي ڪئي. ان کان اڳ طالبان فوجي منصوبن کي نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي ڏني هئي. ذريعن موجب سڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن 8 مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو.