ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان اسيمبلي جي تڪ پي بي 45 ڪوئيٽا جي ضمني چونڊ ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف جميعت علماءِ اسلام (ف) احتجاج ڪندي هاءِ ويز بلاڪ ڪري ڇڏيا. بلوچستان اسيمبلي جي تڪ پي بي 45 تي جمعيت علماءِ اسلام ف جي عثمان پرڪاڻي، پيپلز پارٽي جي علي مدد جتڪ جي ڪاميابي کي چئلينج ڪيو هو جنهن تي سپريم ڪورٽ 15 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ريفرنس ۾ ٻيهر پولنگ ڪرائي وئي ته پيپلز پارٽي جو اميدوار ڪامياب قرار ڏنو ويو. جميعت علماءِ اسلام (ف) جي ڪارڪنن حب ۽ لسبيلا کان ايندڙ آر سي ڊي هاءِ وي تي بيريڪيڊس لڳائي بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ڪراچي کان ڪوئيٽا، گوادر ۽ تربت ڏانهن ويندڙ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. جي يو آءِ جي ڪارڪنن بلوچستان جي مسلم باغ ۾ اين 50 هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، پختون خواهه، پنجاب سان ٽريفڪ معطل ٿي وئي.جي يو آءِ جي ڪارڪنن جي احتجاجي ڌرڻي سبب ڪوئيٽا چمن شاهراهه به ڪوڙڪ ٽاپ تي بند آهي.
-
کاڌي ۽ دوائن جي پهرين کيپ پارا چنار پهتي
پارا چنار(م ڊ) ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ۽ ويڙهه سبب وڏي وقت کان پوءِ کاڌي ۽ دوائن سميت سامان جو پهريون قافلو پارا چنار پهتو آهي. ڊپٽي ڪمشنر ڪرم اشفاق خان پاراچنار مان جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو ته کاڌي پيتي جي سامان تي مشتمل گاڏين جو پهريون قافلو پاراچنار پهچي ويو آهي، تمام خوشي آهي ته قافلو پرامن طور پاراچنار پهتو. هن چيو ته ڊپٽي ڪمشنر تي حملو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. اشفاق خان عوام کي اپيل ڪئي ته هو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان سهڪار ڪن ۽ امن امان برقرار رکن. ٻئي طرف تعلقي مان 65 کان وڌيڪ گاڏين جو قافلو روانو ڪيو ويو، جنهن ۾ کاڌي پيتي جو سامان به شامل هو. گذريل رات جي ڳالهين جي نتيجي ۾ مندوري ۾ جاري ڌرڻو احتجاج ڪندڙن قافلي لاءِ رستو کوليو. مقامي اڳواڻن حاجي شريف، حبيب الرحمان ۽ ٻين ذاتي، قبائلي ۽ انساني بنيادن تي قافلي جي حفاظت جي ذميواري ورتي. سرڪاري ذريعن موجب گذريل رات ڇاپري ريسٽ هائوس ۾ حڪومت ۽ گرينڊ جرگيءَ وچ ۾ ٿيل ڳالهين ۾ قافلي کي باحفاظت وڃڻ جي اجازت ڏني وئي.