اسلام آباد(م ڊ)پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي هڪ تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جي سستي ۽ خلل سبب انٽرنيٽ انفراسٽرڪچر ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جو نقصان ٿيو آهي. ڊان نيوز موجب سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي خرابي دوران وي پي اين جو استعمال ڪيترائي ڀيرا وڌي ويو آهي، وي پي اين جي استعمال انٽرنيٽ جي رفتار کي وڌيڪ سست ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي. وي پي اينز جو وڌندڙ استعمال پاڪستان جي انٽرنيٽ انفراسٽرڪچر تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي. پي ٽي اي جي بريف پيپرز موجب پاڪستان ۾ وي پي اين جو استعمال ڪيترن ئي ڀيرا وڌي ويو آهي انٽرنيٽ ۾ خلل، وي پي اين جي استعمال انٽرنيٽ جي سست رفتاري ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي. وي پي اينز جي وڌندڙ استعمال سبب مقامي سي ڊي اينز کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي، پاڪستان ۾ 70 سيڪڙو انٽرنيٽ سي ڊي اينز ذريعي مهيا ڪئي ويندي آهي.