گرين انيشيٽو پاڪستان غير قانوني ۽ غير آئيني منصوبو

تحرير: اعجاز ممنائي

حڪومت پاران گرين انيشيٽو پاڪستان جي نالي تي بدين ضلعي جي ساحلي پٽي جي علائقي احمد راڄو ۽ ٻين هنڌن جي ماڻهن کي جبري طور بي دخل ڪرڻ جو پلان ٺاهيو ويو آهي ۽ سنڌ جي 52 هزار ايڪڙ زمين گرين انيشيٽو کي ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏني پئي وڃي، انهي منصوبي تحت دادو ضلعي اندر گورک هل اسٽيشن سوڌو ڪاڇي جي 10 هزار ايڪڙ زمين ڏيڻ لاءِ پڻ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن،ان منصوبي تحت  5600 ايڪڙ زمين هڪ بااثر شخص کي ڏني وئي آهي، باقي زمين لاءِ به شروعاتي خاڪو تيار ڪيو ويو آهي.

ڪاڇي ۾ گورک ھل اسٽيشن، گاج ڊئم سميت جابلو پٽي ۾ تيل ۽ گئس جا وڏا ذخيرا موجود آھن، ڪاڇي جي زمين گرين انيشيٽو کي ڏيڻ لاءِ گذريل ڏينهن ٽيم کي  پهچي زمين جي سروي ڪرڻي هئي پر ٽيم نه پهتي. ان حوالي سان سنڌ حڪومت جي روينيو کاتي جي ايس او پاران 31 ڊسمبر تي جاري ڪيل ليٽر ۾ گرين پاڪستان جي ٽيم جي دوري لاءِ شيڊول  جاري ڪيو ويو ويو هو،  ليٽر مطابق ڊپٽي ڪمشنر دادو به پھرين جنوري تي جاري ٿيل ليٽر نمبر 01 مطابق ايس ايس پي دادو، سپرنٽينڊنٽ انجنيئر، ايگزيڪيٽو انجنئير، آبپاشي اسسٽنٽ ڪمشنر دادو، جوھي، مختيارڪار دادو، جوھي کي ليٽر جاري ڪري ٽيم کي سيڪيورٽي ۽ سھولتون ڏيڻ جي ھدايت ڪئي هئي، ڊي ايس پي جوھي نظير ملاح موجب پوليس الرٽ آھي شيڊول ڪٿي ڪٿي آھي ان بابت وزيٽر ايندا ته خبر پوندي.

ڪاڇي ۾ زمين گرين پاڪستان ڪمپني کي ڏيڻ واري معاملي ۾ ڊپٽي ڪمشنر دادو سوشل ميڊيا ذريعي بيان جاري ڪرايو، جنهن ۾ چيو ويو ته گورک ھل اسٽيشن جي زمين ڏني وئي آھي، باقي ڪاڇي ۾ ڪٿي به زمين ڏيڻ جي خبرن ۾ ڪا به صداقت ناھي، ٻئي طرف ڊپٽي ڪمشنر دادو جاري ڪيل ليٽر نمبر 01 تاريخ پهرين جنوري جي سبجيڪٽ ۾ روينيو جي ايس او جي ليٽر جو حوالو ڏيندي روينيو عملدارن کي ڪمپني جي نمائندن کي مڪمل سھولتون فراھم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو هو، ليٽر جي سبجيڪٽ ۾ 52700 ايڪڙ زمين گرين انيشيٽو کي ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏيڻ جو ڄاڻايل آھي. منصوبي تحت دادو ضلعي اندر گورک هل اسٽيشن سوڌو ڪاڇي جي 10 هزار ايڪڙ زمين ڏني ويندي، ذريعن موجب 5600 ايڪڙ زمين ليز تي هڪ بااثر شخص کي ڏني وئي آهي، جنهن ۾ گورک هل اسٽيشن به شامل آهي، باقي زمين لاءِ به شروعاتي خاڪو تيار ڪيو ويو، ڪاڇي جون 3 ديهون طوق قاسم، پٽ سليمان ون ۽ پٽ سليمان ٽو جي زمين ڏني ويندي.

ديھن جا نقشا ايراضي جي ماپ جا پلان تيار ڪري روينيو کاتي کي ڏنا ويا آھن، موجوده  جمهوري حڪومت مارشل لا کان به وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿي رهي آھي، هن کان اڳ سنڌو درياهه مان 6 ڪئنالن واري معاملي تي اڃان  سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي ته مٿان وري پيپلز پارٽي سنڌ جون زمينون وڪرو ڪري سنڌ دشمن منصوبو تيار ڪيو آهي اهو سڀ ڪجهه صدارتي محل مان 8 جولاءِ واري فيصلي جي روشني ۾ ٿي رهيو آهي.

صدر زرداري کي بلاول ڀٽو لاءِ وزارت عظميٰ وٺڻ عيوض سنڌ کي وڪرو ڪرڻ جي حڪمت عملي ٺهي رهي آهي جڏهن ته اڳ ۾ ئي ملڪ رياض طرفان بحريه فائونڊيشن جي نالي تي اڌ سنڌ تي قبضو ڪري ورتو آهي جنهن مان هن کربين روپيه ڪمائي ملڪ کان ٻاهر پنهنجي ملڪيت  ٺاهي ورتي  مٿان وري گرين پاڪستان انيشيٽو پاڪستان کي سرسبز ڪرڻ لاءِ  نه پر پاڪستان جي هڪ يونٽ کي بنجر بڻائڻ لاءِ آھي، سنڌ جي ماڻهن کي طاقت جي زور تي بي دخل ڪيو پيو وڃي هڪ طرف اهي نوان نڪرندڙ 6 ڪئنال سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪندا، ته ٻئي طرف وري سنڌ جون زمينون نيلام ڪري سنڌين مٿان ڌارين جي حڪمراني ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي.

جيڪڏهن سنڌ حڪومت پنهنجي سنڌ جي ماڻهن سان اهڙو ناروا سلوڪ ڪندي ۽ ملڪيتن تي ڌارين جو قبضو ڪرائيندي ته سندن مستقبل به محفوظ نه رهندو جيڪو تجربو ماضي ۾ ڏسي چڪا آهيون ان ڪري پيپلز پارٽي کي صدر زرداري کان اهو فيصلو واپس وٺڻ گهرجي ۽ وفاقي حڪومت تي دٻاءُ وجهي نه ته ٻي صورت ۾ وفاق کان الڳ ٿي وڃي ۽ سنڌ اسيمبلي مان واضح طور تي انهن 6 ڪئنالن ۽ زمين جي وڪري خلاف ٺهراءُ پاس ڪري سنڌ جي ماڻهن سان گڏ بيهڻ جو اعلان ڪري، سنڌ جي زمين سنڌ جي ھارين جي زمين آھي پر ظالم حڪمران سنڌ ۽ سنڌين سان وڏو ظلم ڪري رهيا آھن، سنڌ جي آباديءَ جو ستر سيڪڙو ڪٽنب بنا ڪنھن زميني پلاٽ جي لڏپلاڻ واري زندگيءَ گذارڻ تي مجبور آھن ۽ ٻي طرف زمين ڌارين کي ڏني پئي وڃي اھڙي عمل تي ڪڏهن به قوم خاموش نه ويهندي.

پيپلز پارٽي کي سردارن ڀوتارن سردارن ميرن نوابن جاگيردارن واري سوچ کي تبديل ڪرڻو پوندو ۽ عوام جي سوچ  کي سامهون رکي عوام جي ڀلائي جا فيصلا ڪرڻا پوندا پر جي سنڌ  سان غداري ڪندا ۽ سنڌ جون زمينون وڪرو ڪندا ته کين ڳري قيمت چڪائڻي پوندي. سنڌي ۾ چوندا آهن ته بکيو گدڙ شينهن سان به وڙهي پوندو  آهي سو جڏهن حڪمران ڌرتيءَ تي رهندڙ لکين سنڌين کي بک ۽ بيماري ڏيندا ته هو حڪمرانن سان ڪا رعايت نه ڪندا.  انڪري سنڌ جي حڪمرانن کي ڌرتي  واسين جي حق ۾ فيصلا ڪرڻ گهرجن ۽ سنڌ جي 52 هزار زمين گرين انيشيٽو کي ڪارپوريٽ فارمنگ وارو فيصلو واپس وٺڻ گهرجي. اها زمين سنڌ جي هارين ۾ ورهائي کين خوشحال بڻايو وڃي، پيپلزپارٽي جو نعرو اٽو لٽو ۽ اجهو آهي پر  گذريل 18 سالن کان سنڌ صوبي تي حڪمراني پئي ڪري پر ڪڏھن ٻٽو نظام ته ڪڏھن وري ڪارونجھر جي ڪٽائي ڪڏهن ڪئنال ته ڪڏهن ٻيٽ پئي کپائي جيڪو عمل نهايت ئي خطرناڪ آهي ۽ اهي سڀ عمل غداري جي زمري ۾ اچن ٿا ان ڪري پيپلز پارٽي کي اقتدار خاطر سنڌ جي ماڻهن کان جيئڻ جو حق نه کسيو  وڃي ڇو ته هن وقت عام ماڻهو بک بيروزگاري غربت سبب خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهي.ان ڪري حڪومت کي عام ماڻهو جي جياپي لاءِ سوچڻ گهرجي ۽سنڌ دشمن منصوبن جو خاتمو آندو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.