سرڪاري گاڏيون واپس نه ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ حڪومت سرڪاري گاڏيون واپس نھ ڪندڙ ماڻھن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آھي.  سنڌ ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آھي تھ سرڪاري گاڏيون واپس نھ ڪندڙن ۽ اُنھن گاڏين جو غير مجاز استعمال ڪندڙن خلاف ايف آءِ آرون ڪاٽيون وينديون. ڪفايت شعاري بابت سنڌ ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جو اھم اجلاس سنڌ جي سينئر ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي وزير سعيد غني، علي حسن زرداري، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھھ، سيڪريٽري جي اي محمد نواز سوھو شرڪت ڪئي. ڪميٽي اجلاس ۾ سنڌ سرڪار جي ترڪ ڪيل گاڏين جي نيلامي جو بھ فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ معزز ميمبران پنھنجون سفارشون پيش ڪيون ۽ خرچن ۾ گھٽتائي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان تجويزون ڏنيون. اجلاس ۾ سرڪاري گاڏين جي استعمال، پيٽروليم، آئل ۽ لبريڪينٽس جي خرچن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ بيڪار گاڏين جي نيلامي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.