اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته ڳالهين جي ٻئي دور ۾ اسان واضح چيو هو ته پارٽي جو باني چيئرمين عمران خان سان ملاقات جو بندوبست ڪيو وڃي. اسان ادارن جي غير موجودگي ۾ اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو هو.اپوزيشن ليڊر چيو ته ڳالهين جي باني چيئرمين سان ملاقات جو مطالبو ڪيو هو، اسان ادارن جي غير موجودگي ۾ ملاقات جو مطالبو ڪيو هو.هن چيو ته هر جاءِ تي ادارن جي مداخلت آهي، اسان چاهيون ٿا ته 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن تي عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي. باني چيئرمين جو چوڻ هو ته مون جيڪي تشدد برداشت ڪيا انهن سڀني کي معاف ڪري ڇڏيو آهي، ڳالهين واري ڪميٽي جي ٻئي اجلاس ۾ اجلاس منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو . عمر ايوب چيو ته ڳالهين ۾ حڪومت جي سنجيدگي مطالبا مڃڻ مان واضح ٿيندي. پي ٽي آءِ باني بيک نه ٿو گهري. پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته باني چيئرمين خلاف 200 کان وڌيڪ ڪيس ٺاهيا ويا، اسان جي فتح کي شڪست ۾ تبديل ڪيو ويو. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته حڪومت خلاف اسان جي لسٽ ڊگهي آهي، اسان رڳو 2 مطالبن تي ڳالهيون شروع ڪيون. هن چيو ته اسان چيو هو ته ٽين ملاقات تڏهن ٿيندي جڏهن باني سان ملاقات ٿيندي، هينئر تائين اسان کي سڀاڻي جي ملاقات بابت ڪا به ڄاڻ ناهي، ڳالهيون ڪنهن ڊيل لاءِ نه پر عوام لاءِ آهن. سلمان اڪرم راجا چيو ته اسان پي ٽي آءِ جي باني سمورن قيدين جي آزادي چاهيون ٿا، ائين نه ٿيندو ته هتي گوليون هلايون وڃن، ماڻهو ماريا ويا، هاڻي اڳتي وڌو. خون جو حساب هر ڪنهن کي ڏيڻو پوندو. هن چيو ته ظلم جي ماحول ۾ انصاف وٺي رهنداسين.