واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته عمران خان خلاف قانوني ڪارروائي جو فيصلو پاڪستاني عدالتن کي ڪرڻو آهي، زلمي خليل زاد ۽ آمريڪي ڪانگريس ميمبرن جي پي ٽي آءِ جي باني بابت بيانن تي آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان لکت ۾ جواب ڏيندي چيو ته اسان ڪانگريس جي لک پڙهه تي تبصرو نٿا ڪريون، اڳوڻي وزيراعظم خلاف قانوني ڪارروائي جو فيصلو پاڪستاني عدالتن کي ڪرڻو آهي، ترجمان وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي باني جا ڪيس پاڪستاني آئين ۽ قانون موجب هلندا، دنيا جي ٻين ملڪم جيان پاڪستان سان به رابطي ۾ آهيون، ترجمان اهو به چيو ته هو پاڪستان ۾ جمهوري اصولن، آئيني ۽ انساني حقن جي حڪمراني جو مطالبو ڪندا رهندا آهن، انساني حق پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن جو اهم حصو آهن، انساني حقن سميت ٻين معاملن تي پاڪستاني اختيارين سان مسلسل رابطي ۾ آهيون.