اسلام آباد(اعزاز سيد)پي ٽي آءِ باني عمران خان سان هلندڙ ڳالهين ۾ ڪو هن جي ضمانت کڻڻ لاءِ تيار ناهي پر هن لاءِ ضامن طور ترڪ صدر رجب طيب اردگان جونالو تجويز ڪيو ويو آهي، اها تجويز اڻ سڌي ريت آهي،اها تجويز سينيٽر مشاهد حسين ڏني آهي، هن تجويز ڏني ته اسٽيبلشمينٽ ۽ عمران خان وچ ۾ ڊيل لاءِ گارنٽي رجب طيب اردگان ڏيندو،نوازشريف جي ڀيري سعودي عرب ضمانت ڏني هئي، ان ڊيل ۾ اڳوڻي آمريڪي صدر بل ڪلنٽن مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو،ٻئي پاسي پي ٽي آءِ ڊيل جي تاثر کي زائل ڪرڻ لاءِ لکت ۾ ڪي به مطالبا پيش نه پئي ڪري جڏهن ته نوازشريف انهن ڳالهين ۾ رولز آف گيم طئي ڪرڻ چاهي ٿو، هو سمجهي ٿو ته عمران خان جو مقابلو هو سياسي ميدان ۾ ڪندو، هو رڳو چاهي ٿو ته عمران خان جو مظلوميت وارو ڪارڊ ختم ٿي وڃي،