هٿيار شراب برآمدگي ڪيس:عدالت جو گنڊاپور کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي مقامي عدالت مسلسل غير حاضريءَ تي ايس ايس پي آپريشنز کي خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
جڊيشل مجسٽريٽ مبشر حسن چشتي غير قانوني هٿيار ۽ شراب برآمدگي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ڪيس جي جاچ آفيسر ۽ وڏي وزير جي علي امين گنڊاپور جي وڪيل راجا ظفر الحسن پڻ عدالت ۾ پيش نه ٿيو.
ٻڌڻي دوران جج ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته نه جوابدار پيش ٿيو ۽ نه ئي وڪيل.
عدالت ڪيس جي سماعت 21 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته 2016 ۾ اسلام آباد پوليس دعويٰ ڪئي هئي ته بني گالا جي علائقي ۾ علي امين گنڊاپور جي گاڏي مان شراب، ڪلاشنڪوف رائفلز، هڪ پسٽل، ميگزين، بلٽ پروف جيڪٽ، ۽ آنسو گيس جا ٽي گولا هٿ ڪيا ويا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.