ڊپٽي اسپيڪر رولنگ ڪيس ۾ چوڌري پرويز الاهي کي نوٽيس جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ ڪيس ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني آئيني بينچ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير حمزه شهباز جي نظرثاني درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران جسٽس امين الدين خان پڇاڻو ڪيو ته هي ڪيس غير اثرائتو ته ناهي ٿي ويو، جنهن تي حمزا شهباز جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته آئيني بينچ گذريل ٻڌڻي تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا هئا.
جسٽس محمد علي مظهر پڇاڻو ڪيو ته چوڌري پرويز الاهي به هن ڪيس ۾ ڌر آهي؟، پرويز الائي طرفان ڪير پيش ٿيندو؟.
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ ڪيس ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
عدالت چوڌري پرويز الاهي کي نوٽيس حمزه شهباز نظرثاني ڪيس ۾ جاري ڪيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.