هار کٽ راند جو حصو آهي، پاڪستان ٽيم ميدان ۾ مقابلو ڪري پئي: پي سي بي چيئرمين

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي قذافي اسٽيڊيم ۾ تعميراتي ڪم 25 جنوري تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي قذافي اسٽيڊيم جو تفصيلي دورو ڪري اسٽيڊيم جي اڏاوتي ڪم جو جائزو ورتو ۽ تعميراتي ڪم جو تفصيلي معائنو ڪيو، جڏهن ته هن مين بلڊنگ جي سڀني فلورز جو دورو پن ڪيو.
ان موقعي تي محسن نقوي چيو ته هڪ سٺي تقريب ۾ اسٽيڊيم جو افتتاح ڪيو ويندو.
قومي ٽيم جي ڪارڪردگي تي چيئرمين جو چوڻ هو ته ٽيم ميدان ۾ فائيٽ ڪري رهي آهي ۽ هار کٽ ٿيندي رهندي آهي.
پي سي بي چيئرمين جو چوڻ هو ته صائم ايوب علاج لاءِ انگلينڊ ويندو، سندس ٽريٽمينٽ خراب نه ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.