روهڙي ڀرسان گهر مان چوري جي ڪوشش، ڀاڳئي سميت 2 ڄڻا قتل،2 ڏوهاري گرفتار

روھڙي/سکر ( نمائندن وٽان) روهڙي جي ويجهو دبر ٿاڻي جي حد  منڊوڊيرو اسٽيشن جي ويجهو ڳوٺ عبدالصمد پنھور ۾ چوري جي ڪوشش دوران فائرنگ جو افسوسناڪ واقعي پيش آيو جنهن ۾  ٻه ماڻهو مارجي ويا ۽ 10 زخمي ٿي پيا جمعه ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات نامعلوم چور امان الله پنھور جي گهر جي ڀت ٽپي جتي هو گهر ۾ موجود ٽن مينهن کي چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا جنهن دوران گهر وارا جاڳي ويا ۽ چورن کي گهيرو ڪرڻ لاءِ فائرنگ شروع ڪئي جنهن تي چورن پڻ جوابي فائرنگ ڪئي. ان دوران امان الله پھنور جو نوجوان پٽ غلام اڪبر پنھوار موقعي تي مارجي ويو جڏهن ته علي اختر،علي اصغر،اساما پنھور،امان الله پنھور ۽ رانو پنھور زخمي ٿي پيا پوءِ ڳوٺ وارن فائرنگ جو آواز ٻڌي، هٿيارن سان ليس ٿي جڳھه تي پهتا، جڏهن چورن فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، ته گهر وارن ۽ ڳوٺ وارن انهن جو پيچو ڪيو، جنهن دوران چورن انهن تي به فائرنگ شروع ڪئي. ڳوٺ وارن جي جوابي ڪارروائي ۾ هڪ چور عارف جاگيراڻي مارجي ويو، جڏهن ته ٻه چور عاقل ۽ گلاب زخمي حالت ۾ ڀاڳين پڪڙي ورتا ڪيا ويا، چوري جي واقعي کان پوءِ جاگيراڻي برادري جي ٻن گروپن ۾ پاڻ ۾ جهيڙو ٿيو جنهن دوران وڌيڪ ٽي عورتون شمشاد زال سجاد، جمن زال وحيد، ۽ عذرا ڌيءَ سجاد جاگيراڻي زخمي ٿيون. فائرنگ ۽ جهيڙي ۾ زخمين جو مجموعي تعداد 10 ٿي وئي، جن ۾ پنج مرد، ٽي عورتون ۽ ٻه چور شامل آهن. سڀ زخمي تعلقي اسپتال روھڙي منتقل ڪيا ويا جتي سندن علاج جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.