ايپڪس ڪميٽي اجلاس: سوشل ميڊيا پروپيگنڊا ڪندڙ عنصرن خلاف ڪارروائي تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم جي صدارت هيٺ قومي ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ملڪ کان ٻاهر سوشل ميڊيا پروپيگنڊا ڪندڙ عنصرن جي خلاف ڪارروائي تي اتفاق ڪيو ويو.
نيشل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير، چئني صوبن جا وڏا وزير، چيف سيڪريٽريز، وزيراعظم آزاد جمون ۽ ڪشمير، ۽ وزيراعليٰ گلگت بلتستان به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، انٽيليجنس ادارن جا سربراهه، ۽ ڊي جي ايف آءِ اي پڻ موجود هئا.
ذريعن موجب، وزيراعظم اجلاس دوران ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ سياسي اتفاق راءِ ۽ مثبت قومي بيانيي جي اهميت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ ”عزمِ استحڪام“ مشن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سياسي استحڪام کي ضروري قرار ڏنو ويو.
اجلاس دوران آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير دهشتگردي خلاف پاڪ فوج جي عزم کي ورجايو ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو.
اجلاس ۾ نيڪٽا (نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي) کي ٻيهر فعال ڪرڻ، خطري جي نشاندهي لاءِ مرڪز قائم ڪرڻ، ۽ دهشتگردي، مذهبي انتهاپسندي، ۽ گمراهه ڪندڙ معلومات جي روڪٿام بابت ادارن جي حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي.
اجلاس دوران ملڪ جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال تي تفصيل سان ڳالهايو ويو ۽ دهشتگردي جي لعنت خلاف گڏجي بيهڻ تي اتفاق ڪيو ويو، شرڪت ڪندڙن هر قسم جي انتهاپسندي کي سختي سان چٿڻ تي به اتفاق ڪيو.
اجلاس ۾ پرڏيهين، خاص طور تي چيني شهرين جي تحفظ بابت قدمن جي بريفنگ ڏني وئي ۽ انهن جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو عزم ڪيو ويو.
ذريعن موجب، اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ”ڊجيٽل دهشتگردن“ سان سختي سان منهن ڏيڻ تي زور ڏنو، فورم جعلي خبرن ۽ غلط معلومات جي روڪٿام لاءِ قدم کڻڻ جي عزم کي ورجايو.
اجلاس ۾ اهو پڻ چيو ويو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هٿياربند فوج جي جوانن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.
ان سلسلي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سميت سڀني ادارن کي گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو. سڪيورٽي فورسز کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ضروري اوزار ۽ وسيلا فراهم ڪرڻ يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو ويو.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وفاقي ۽ صوبائي گادي وارن هنڌن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ قدمن کي تيز ڪيو ويندو، ۽ احتجاج جي آڙ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، جعلي خبرن ۽ سوشل ميڊيا پروپيگنڊا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.
اجلاس ۾ ڊجيٽل دهشتگردن سان سختي سان منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ٻاهرين ملڪن مان سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا ڪندڙ عنصرن جي خلاف ڪارروائي تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.
اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف 26 نومبر واري واقعي جو ذڪر ڪندي واضح ڪيو ته مظاهرين تي گوليون نه هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، جڏهن ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ان واقعي ۾ ڪيئي ڪارڪنن جي شهادت جو حوالو ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.