واشگنٽن (ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي کاتي طرفان 2023ع جي غير ملڪي تحفن جي سالياني رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي.
رپورٽ موجب، آمريڪي صدر جو بائيڊن، خاتون اول جل بائيڊن ۽ آمريڪي ڳجهن ادارن جي اهلڪارن کي لکين ڊالرز جا قيمتي تحفا مليا.
ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي آمريڪي اهلڪارن کي سڀ کان مهانگو تحفو ڏنو، مودي آمريڪي خاتون اول جل بائيڊن کي 20 هزار ڊالرز جو هيرو تحفي ۾ پيش ڪيو.
ان کان کانسواءِ ڀارتي اهلڪارن آمريڪي ڳجهي ايجنسي جي اهلڪار کي ڪشمير ۾ تيار ڪيل تحفا ڏنا.
ڀارتي قومي سلامتي جي صلاحڪار اجيت دوول پنهنجي آمريڪي هم منصب جيڪب سليوان کي پڻ تحفا ڏنا.
رپورٽ موجب، جيڪب سليوان کي جنوري 2023ع ۾ چاندي جو مجسمو، جڏهن ته جولاءِ 2023ع ۾ ڪاٺ مان ٺهيل هاٿي جو مجسمو تحفي ۾ ڏنو ويو.
پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف 2022ع ۾ جوبائيڊن کي 525 ڊالرز جو قالين تحفي ۾ ڏني.
رپورٽ موجب، 2023ع ۾ پاڪستاني سفير مسعود خان آمريڪي حڪومتي سينيئر ڊائريڪٽر ايلين لوباڪر کي 600 ڊالرز جي قالين تحفي طور پيش ڪئي.
رپورٽ موجب، آمريڪي ڳجهي ايجنسي جي اهلڪارن کي 2023ع ۾ 1 لک 32 هزار ڊالرز ماليت جا تحفا مليا.
سي آءِ اي جي ڊائريڪٽر وليم برنز کي 18 هزار ڊالرز جو ٽيلي اسڪوپ ڪيمرا تحفي ۾ ڏنو ويو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڳجهي ايجنسي جي اهلڪارن کي قيمتي گهڙيون، هيرا زيور ۽ پرفيوم پڻ تحفي طور مليا.
ليبيا جي هڪ ڪاروباري شخصيت 30 هزار ڊالرز ماليت جا زيور آمريڪي ڳجهي ايجنسي جي اهلڪار کي ڏنا.
آمريڪي قانون موجب، 480 ڊالرز کان وڌيڪ ماليت جا تحفا رپورٽ ڪرڻ ضروري آهن ۽ اهم يا تاريخي تحفا نيشنل آرڪائيوز يا جنرل سروسز ايڊمنسٽريشن حوالي ڪيا ويندا آهن.
You might also like