شعيب ملڪ ڪراچي ڪنگز کي ڇڏي ڏنو، ڪهڙي ٽيم لاءِ کيڏندو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي فرنچائز ڪراچي ڪنگز کان پنهنجا رستا ڌار ڪري ڇڏيا.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ شعيب ملڪ چيو ته سندس ڪراچي ڪنگز سان وقت ختم ٿي ويو آهي.
هن فرنچائز ۽ ساٿين سان گڏ کيڏڻ جو تجربو بهترين قرار ڏنو ۽ چيو ته ٻن سيزنز دوران مينيجمينٽ کيس تمام گهڻو سپورٽ ڪيو.
شعيب ملڪ ٽيم جي سڀني رانديگرن لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار به ڪيو.
هن وڌيڪ چيو ته هو پهريون ڀيرو پي ايس ايل ڊرافٽ جو حصو بڻجڻ لاءِ پرجوش آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.