ڪيپ ٽائون (ويب ڊيسڪ ) ڏکڻ آفريڪا خلاف ڪيپ ٽائون ٽيسٽ ۾ قومي ٽيم جو اوپننگ بيٽر صائم ايوب انجري جو شڪار ٿي ويو.
ڪيپ ٽائون ٽيسٽ ۾ ڏکڻ آفريڪي ڪپتان ٽمبا باووما ٽاس کٽي پاڪستان خلاف پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
ڏکڻ آفريڪا خلاف فيلڊنگ دوران صائم جي پير جي کڙي مڙي وڃڻ سبب هو ميدان ڇڏي ڊريسنگ روم روانو ٿي ويو.
ذريعن موجب، پاڪستاني بيٽر کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس طبي معائنو ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي صائم ايوب جي انجري ڪهڙي نوعيت جي آهي ان حوالي سان پي سي بي طرفان ڪو بيان جاري ناهي ڪيو ويو.
Prev Post
You might also like