سون مسلسل ٽئين ڏينهن به سوين رپيا مهانگو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ مسلسل ٽئين ڏينهن به واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 2200 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 2 لک 76 هزار 900 رپين جو ٿي ويو.
ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ 10 گرام سون جي قيمت 1886 رپيا واڌ بعد 2 لک 37 هزار 397 رپيا آهي
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 22 ڊالر واڌ سان 2657 ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.