رڻ ۾ ريل جي شاهاڻي سواري، موقعو نه وڃايو

سعودي عرب پنهنجي پهرين لگزري ٽرين سروس متعارف ڪرائڻ لاءِ تيار آهي، جيڪا صحرائي علائقن ۾ 800 ميل تائين سفر ڪندي.
هن انوکي ٽرين کي نومبر 2025ع ۾ آپريشنل ڪرڻ جو امڪان آهي، جيڪا سعودي راڄڌاني رياض کي قريات شهر سان ڳنڍيندي.
هن رٿا تي سعودي عرب ريلويز اٽلي جي ارسينالي گروپ سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪو لگزري ٽرينن لاءِ مشهور آهي.
هن ٽرين سروس کي ”ڊريم آف دي ڊيزرٽ“ جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ 800 ميل ڊگھي روٽ دوران اها ٽرين سعودي عرب جي حيران ڪندڙ صحرائي علائقن مان گذرندي.
هن ٽرين ۾ 40 بوگيون هونديون، مسافرن کي هڪ يا ٻه رات جو ٽور بڪ ڪرائڻ جي سهولت هوندي.
نئين لگزري ٽرين سروس بنيادي طور تي سياحن کي سعودي عرب ۾ آڻڻ وارن منصوبن جو حصو آهي.
سعودي ريلوي ڪمپني موجب، ڊريم آف دي ڊيزرٽ سياحن ۽ مقامي ماڻهن کي سعودي عرب جي وڌيڪ علائقن کي پرڪشش سهولتن سان ڏسڻ جو موقعو فراهم ڪندي.
ان ذريعي، سياح سعودي عرب ۾ موجود يونيسڪو جي عالمي ثقافتي ورثي ۾ شامل ماڳن ۽ شاه سلمان بن عبدالعزيز رائل نيچرل ريزرو کي پڻ ڏسي سگهن ٿا.
ارسينالي گروپ جي چيئرمين پائولو بارليٽا موجب، سعودي عرب پهريون ملڪ بڻجي رهيو آهي جتي ٽرين ۾ ماڻهن جي شاهاڻي انداز ميزباني ڪئي ويندي.
هن پروجيڪٽ تي 5 ڪروڙ 30 لک ڊالر خرچ اچڻ جو امڪان آهي ۽ سعودي اختيارين موجب، اها ٽرين لگزري سفر بابت ماڻهن جي سوچ تبديل ڪري ڇڏيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.