پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ ڪا واضح صورتحال نظر نٿي اچي.
پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهايندي گورنر ڪي پي چيو ته هو بلدياتي ادارن جي نمائندن تي شيلنگ جي مذمت ڪري ٿو، ناظمن جو ڪنوِنشن گورنر هائوس ۾ ٿيندو.
هن چيو ته ڳالهين ذريعي ئي سڀ مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، پر پي ٽي آءِ ۽ وفاقي حڪومت جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ ڪا اڳڀرائي نظر نٿِي اچي، پي ٽي آءِ کي اين آر او ته ملڻ وارو ناهي.
فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اسانجي وڏي وزير ٰ تي هڪ ٻئي سي ايم جو دٻاءُ آهي، اُها به هتي اچي ويهي رهي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته گورنر راڄ ائين نٿو لڳائي سگهجي، صوبائي حڪومت کي بنون، ڪوهاٽ، ڊيرا اسماعيل خان ۽ ٽانڪ وڄي حالتون ٺيڪ ڪرڻ گهرجن.
Next Post
You might also like