اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهين جي ٻئي دور کان هڪ ڏينهن بعد اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ پي ٽي آءِ جي 26 نومبر واري احتجاج دوران گرفتار ٿيل 250 جوابدارن جي ضمانت جون درخواستون منظور ڪري ورتيون آهن.
عدالت جوابدارن جي پنج، پنج هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي آهي، جڏهن ته 150 جوابدارن جي ضمانت جي درخواستن کي رد ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڳالهين جي ٻئي دور دوران پي ٽي آءِ عمران خان ۽ ٻين ڪارڪنن جي آزادي ۽ 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن تي عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪيو هو.
You might also like