ايلون مسڪ جي ڪمپني اسپيس ايڪس هاڻي خلا کان ڌرتيءَ تائين سيٽلائيٽ ذريعي موبائل فون سروس فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
اسپيس ايڪس جو ڊويزن اسٽار لنڪ سمارٽ فون ڪنيڪٽوٽي کي نئين سطح تي آڻڻ وارو آهي.
ڊائريڪٽ ٽو سيل نالي سيٽلائيٽ سروس ذريعي واهپيدار آءِ فونز ۽ اينڊرائيڊ سمارٽ فونز ذريعي ڌرتيءَ جي ڪنهن به ڪنڊ کان ڪنهن به هنڌ ڪال ڪري سگهن ٿا.
هن سروس جي خاص ڳالهه اها آهي ته سمارٽ فونز ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي جي ضرورت نه هوندي، بس ڊيوائس ۾ ايل ٽي ايِ سپورٽ هئڻ گهرجي.
اها سروس موبائل رابطن کي تبديل ڪري ڇڏيندي يا گهٽ ۾ گهٽ ڪمپني جو اهو ئي خياک آهي، ڇاڪاڻ ته توهان ڌرتي جي انهن علائقن مان به ڪال ڪري سگهو ٿا جتي هن وقت موبائل فون استعمال ڪرڻ ممڪن ناهي.
صحرا جي وچ، سامونڊي علائقن ۾ يا ڪنهن گهاٽي ٻيلي ۾، توهان ڪنهن به جاءِ تان هن سيٽلائيٽ سروس ذريعي پنهنجن دوستن يا پيارن سان رابطو ڪري سگهو ٿا.
ان سروس لاءِ سيٽلائيٽس ۾ اهڙا موڊيم نصب ڪيا ويا آهن جيڪي انهن کي ڪنهن موبائل ٽاور جيان ڪم ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا ۽ اهي خلا کان سڌو سمارٽ فونز ۾ فون سگنلز بيم ڪندا آهن.
ڪهڙن سمارٽ فونز تي هي سروس ڪم ڪندي؟
اسپيس ايڪس طرفان آمريڪي اداري فيڊرل ڪميونيڪيشنز ڪميشن (ايف سي سي) کي موڪليل خط ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هن سروس جي آزمائش سمارٽ فون ٺاهڻ واري وڏين ڪمپنين جهڙوڪ ايپل ۽ گوگل جي فونز ۾ ڪئي وئي آهي ۽ اها سروس ڪامياب ثابت ٿي آهي.
ٽيسٽن ذريعي تصديق ٿي آهي ته پي سي ايس جي بلاڪ اسپيڪٽرم کي استعمال ڪرڻ سان رابطن ۾ خلل نه پوندو.
اسپيس ايڪس موجب، ايل ٽي ايِ سپورٽ واري ڪنهن به سمارٽ فون ۾ هي ٽيڪنالاجي ڪم ڪري سگهي ٿي، حقيقت ۾ ڪجهه پراڻن ماڊلز جهڙوڪ آءِ فون 14 ۾ به سيٽلائيٽ ڪنيڪٽوٽي ممڪن هوندي.
جيتوڻيڪ آءِ فونز ۾ هن وقت به سيٽلائيٽ ڪنيڪٽوٽي جي سهولت موجود آهي، پر اها ايمرجنسي حالتن ۾ پري سيٽ ميسيجز تائين محدود آهي.
پر اسٽار لنڪ جي سروس واهپيدارن کي مڪمل ميسيجز پاڻ لکي ۽ موڪلڻ جي سهولت فراهم ڪندي، اهڙي طرح ايمرجنسي حالتن ۾ ماڻهن کي حياتيون بچائڻ ۾ مدد ملندي.
اسٽار لنڪ هن نئين سيٽلائيٽ سروس کي تجارتي پيڪيج طور شروع ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، جنهن جون قيمتن جا تفصيل اڃا تائين جاري نه ڪيا ويا آهن.
ڪٿي سڀ کان پهريان دستياب ٿيندي؟
اسٽار لنڪ طرفان آمريڪا، جپان، يوڪرائن ۽ نيوزيلينڊ سميت 8 ملڪن سان هن سروس کي متعارف ڪرائڻ لاءِ معاهدا ڪيا ويا آهن.
يوڪرائن انهن ملڪن منجهان هڪ هوندو جتي اها سروس سڀ کان پهرين متعارف ڪرائي ويندي.
اهڙي مقصد لاءِ يوڪرائن جي موبائل آپريٽر Kyivstar اسٽار لنڪ سان معاهدو ڪيو آهي ته جيئن ڊائريڪٽ ٽو سيل سيٽلائيٽ سروس متعارف ڪرائي وڃي.
يوڪرائن ۾ هي سروس 2025 جي آخري ٽه مهاي ۾ فعال ٿيڻ جي اميد آهي.
شروع ۾ هن سروس ۾ ميسيجنگ جي سهولت موجود هوندي ۽ ان کانپوءِ وائس ۽ ڊيٽا سروسز کي پڻ ان جو حصو بڻايو ويندو.
آمريڪا ۾ به هن سروس جي آزمائش هڪ مشهور موبائل آپريٽر سان 2025 جي شروع ۾ ڪئي ويندي.