ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ناليواري نجومڻ سامعه خان 2025 لاءِ اهم اڳڪٿين سميت پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي شادي بابت پڻ اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي سامعه خان جو چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري جنهن جپيٽر جي پوزيشن ۾ پيدا ٿيو آهي، اهو جپيٽر ساڳي ئي پوزيشن ۾ آهي ۽ هن سال ائين نٿو ٿي سگهي جو بلاول ڀٽو کي اِهو ستارو نوازڻ بنا هليو وڃي.
سندس چوڻ هو ته هلندڙ سال بلاول ڀٽو جي سياسي گهوٽ بڻجڻ سان گڏوگڏ حقيقي گهوٽ بڻجڻ جا امڪان پڻ روشن آهن.
نجومڻ وڌيڪ چيو ته”مان بلاول جي گهرڀاتين کي اِهو چوڻ چاهينديس ته هو ان مبارڪ وقت مان ضرور لاڀ حاصل ڪن.“
You might also like