مئل قرار ڏنل همراهه ايمبولينس جي جهاڪي سان جيئرو ٿي ويو!

ڀارت ۾ هڪ انوکو واقعو رپورٽ ٿيو آهي جنهن ۾ ايمبولينس جي اسپيڊ بريڪر سان ٽڪرائجن کانپوءِ مئل قرار ڏنل همراهه جيئرو ٿي ويو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڀارتي رياست مهارشٽرا جي شهر ڪولهاپور ۾ پيرسن شخص جنهن کي مئل قرار ڏيڻ کانپوءِ ايمبولينس ذريعي گهر منتقل ڪيو پئي ويو ته رستي ۾ ايمبولينس جي اسپيڊ بريڪر تان گذرڻ وقت لوڏو اچڻ سبب اوچتو جيئرو ٿي ويو!
واضح رهي ته رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته هي واقعو 16 ڊسمبر تي پيش آيو هو.
ڀارتي ميڊيا موجب، 65 سالن جي پيرسن پانڊورنگ گذريل مهيني دل جي دوري جي ڪري اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن کيس مئل قرار ڏنو، جنهن کانپوءِ وارثن آخري رسمن جي ادائيگي لاءِ لاش کي ايمبولينس ذريعي گهر منتقل ڪرڻ جو انتظام ڪيو.
اسپتال کان گهر روانگي دوران ايمبولينس جي هڪ اسپيڊ بريڪر سان ٽڪرائجڻ وقت گهرڀاتين ڏٺو ته پانڊورنگ جون آڱريون حرڪت ڪري رهيون آهن.
اهو ڏسي ايمبولينس کي فوري طور تي ٻي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
اسپتال پهچڻ کانپوءِ اپانڊورنگ کي انتهائي نگهداشت وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو، جتي سندس ساهه بحال ٿي ويو جنهن اسپتال موجود ماڻهن کي دنگ ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي 15 ڏينهن جي علاج بعد کيس اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو آهي،
ٻئي پاسي جنهن اسپتال پانڊورنگ کي مئل قرار ڏنو هو، اڃا تائين هن واقعي بابت ڪو بيان جاري ناهي ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.