وزيراعظم پاران اهو چوڻ ته اسلام آباد ۾ احتجاج دوران گولي نه هلي غلط آهي: گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) خيبر پختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي اهڙي قسم جي ڳالهه ڪرڻ غير مناسب آهي ته احتجاج ۾ گولي نه هلي، اهڙين ڳالهين کان بچڻ گهرجي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي علي امين گنڊا پور چيو ته 26 نومبر جي ڳالهه وزيراعظم پاڻ ڪئي، مون چيو هو ته 58 زخمي ۽ 13 شهيد ٿي چڪا آهن، 45 اڃا تائين گم آهن، هن چيو ته پر وزيراعظم طرفان اهڙي قسم جي ڳالهه ڪرڻ غير مناسب آهي ته اسلام آباد ۾ ۾ احتجاج دوران گولي نه هلي.
علي امين گنڊا پور موجب اپيڪس ڪميٽي جو اهم اجلاس هو، سيڪيورٽي ادارا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، پاڪستان اوليت آهي ۽ ان لاءِ گڏجي ڳالهايو ويندو ۽ گڏجي ئي دهشتگردي جي خاتمي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اسحاق ڊار چيو ته معاملن تي مذڪراتي ڪميٽي ۾ ويچاريو ويندو، افغانستان بابت به ڳالھيون ٿيون آهن، مون جرڳي جي تجويز ڏني آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.