ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ هڪ ڀيرو ٻيهر ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽن کي جلدي حل ڪرڻ ۽ ڪم ۾ تيزي آڻڻ جا حڪم ڏنو آهي.
ڪراچي ۾ شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ۾ هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، رٿابندي ۽ ترقي واري چيئرمين نجم شاهه، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، ٽرانس ڪراچي جي سي اي او طارق منظور چانڊيو، ڊي آءِ جي ٽريفڪ احمد نواز چيما ۽ ٻين اختيارين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ايشين ڊولپمينٽ بينڪ ۽ بين الاقوامي ڪنسلٽنٽس آن لائين شامل ٿيا.
اجلاس ۾ ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي ۾ موجود رڪاوٽن، جهڙوڪ پاني جي سپلاءِ، ڪي اليڪٽرڪ، نيشنل ٽيلي ڪميونيڪشن ڪارپوريشن ۽ ٻين ادارن جي تنصيبات کي منتقل ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي پنجن ڏينھن ۾ مسئلا حل ڪرڻ ۽ منصوبي ۾ اڳڀرائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سخت ڊيڊ لائن ڏني.
هن سول ايوي ايشن سان گڏ ڪراچي ايئرپورٽ وٽ ڪم شروع ڪرڻ بابت هدايتون جاري ڪيون.
هن چيو ته ريڊ لائن بي آر ٽي ڪراچي لاءِ اهم منصوبو آهي، جنهن سان جديد، اثرائتو ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽ سسٽم مهيا ڪيو ويندو، جيڪو روزانو هزارين مسافرن کي سھولت فراهم ڪندو.
You might also like