لنڊن ۾ 10 ورهين جي سارا شريف جي قاتل پيءُ تي جيل ۾ حملو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ڏهن ورهين جي نينگري سارا شريف جي قاتل پيءُ تي برطانيا ۾ جيل اندر حملو ٿيو، حملي ۾ عرفان شريف زخمي ٿي پيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ٻن ڄڻن رٿابندي تحت عرفان شريف تي حملو ڪيو، عرفان شريف تي ڪين سان ٺاهيل هٿيار سان حملو ڪيو ويو.
عرفان شريف جي گڙدن ۽ چهري تي زخمي آيا آهن.
واضح رهي ته گذريل مهيني 10 ورهين جي سارا شريف جي قتل ڪيس ۾ مقتولا جي پيءُ عرفان شريف ۽ ويڳي ماءُ بينش بتول کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي.
عدالت مقتولا نينگري جي چاچي فيصل ملڪ کي به 16 سال قيد جي سزا ٻڌائي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.