نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غير مستقل ميمبر طور ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن.
گڏيل قومن ۾ سلامتي ڪائونسل جي غير مستقل ميمبرن جون ذميواريون سنڀالڻ جي تقريب ٿي، پاڪستان جي ايڊيشنل مستقل نمائندگي عاصم افتخار سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جو جهنڊو لڳايو.
پاڪستان ٻن سالن تائين پنهنجيون ذميواريون نڀائيندو، غير مستقل ميمبرن ڊينمارڪ، يونان، پاناما ۽ صوماليا جا جهنڊا به لڳايا ويا.
پاڪستان جي ايڊيشنل مستقل نمائندگي عاصم افتخار سلامتي ڪائونسل جو چوڻ آهي ته افغانستان جي حوالي سان سندن موقف بلڪل واضح آهي، هو پرامن ۽ سگهارو افغانستان گهرن ٿا
پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غير مستقل ميمبر طور ذميواريون سنڀالي ورتيون
You might also like