اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته فتنه الخوارج جي دهشتگردن کي ختم ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي.
قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ جوڙيل ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۾ خاص طور تي خيبرپختونخوا ۾ دشمن موجود آهن.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان کان ٻاهر دوست نما دشمن پاڪستان خلاف مهم هلائي رهيا آهن، جيڪا وڏي خطري جي علامت آهي.
هن چيو ته اسلام آباد تي چڙهائي ڪئي وئي، سوشل ميڊيا تي ڪوڙن خبرن جو طوفان کڙو ڪيو ويو ۽ پاڪستان خلاف ڊجيٽل محاذ تي زهر اوڳاڇيو پيو وڃي.
وزيراعظم چيو ته سوشل ميڊيا تي حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويندو، ڊجيٽل دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.
هن چيو ته سرحد پار کان پاڪستان خلاف ڪارروايون ٿي رهيون آهي، انهن ڪارروائين جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو آحي ۽ ڏينداسين.
شهباز شريف چيو ته خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ دشمن سازشن ۾ مصروف آهي، اسان کي خبر آهي ته ملڪ دشمنن کي ڪهڙا ملڪ سهولت فراهم ڪري رهيا آهن، پر قومي مفاد سڀ کان وڌيڪ اهم آهي، صوبن سان گڏجي امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻايو ويندو.
Next Post
You might also like