شاهه محمود جو بلاول کي اهم مشورو

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڳالهيون تحريڪ انصاف نه پر پاڪستان لاءِ ضروري آهن ۽ ڳالهين جي ناڪامي جمهوريت لاءِ خطرو هوندي.
لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان نازڪ موڙ تي بيٺل آهي، دعا آهي ته ڳالهيون ڪنهن منطقي نتيجي تي پهچن ڇو ته ڳالهين جي ضرورت پاڪستان کي آهي تحريڪِ انصاف کي نه.
هن چيو ته ڳالهين جو هاڪاري نتيجو نڪرڻ گهرجي نه ته حڪومت ڪمزور ٿي ويندي، ڳالهين جي ناڪامي جمهوريت لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي، ڳالهيون ٿيڻ ڏيو، حڪومت پنهنجي وقت پورو ڪري ٿي يا نه اهو بعد ۾ ڏسڻو پوندو.
شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته عمران خان جا فيصلا ملڪ جي مفاد لاءِ آهن، تحريڪ انصاف ايمانداري سان ڳالهين جو عمل شروع ڪيو آهي ۽ جمهوريت جا دعويدار ان کي سنجيدگي سان اڳتي وڌائن.
پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته سندن ڪو به ناجائز مطالبو ناهي، سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي، قتل جي جوابدار کي به ضمانت ملي سگهي ٿي، اسان ڏيڍ سالن کان جيل ۾ آهيون پر اسان کي نه ضمانت ملي ۽ نه ئي ڪيس شروع ٿيو.
هن بلاول ڀٽو کي مشورو ڏيندي چيو ته هو سمجهي ته ملڪ کي هن وقت ڪهڙين ضرورتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، هميشه سول ۽ فوجي قيادت جي گڏيل حڪمت عملي سان ئي ترقي ممڪن ٿي ۽ سياسي دانشمندي وقت جي اهم ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.