ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي اي ڪيو آءِ 270 سان اڄ دنيا جو گدلو ترين شهر رهيو.
ايئر ڪوالٽي انڊيڪس موجب، پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي ۾ هوا ۾ گدلاڻ جي شرح 270 پرٽيڪيوليٽ ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ڪراچي دنيا جي گدلن ترين شهرن جي فهرست ۾ پهرئين نمبر تي اچي ويو.
ماحوليات جي عالمي ويب سائيٽ موجب، صبح 11 وڳي لاهور جو اي ڪيو آءِ ليول 221 رڪارڊ ڪيو ويو. لاهور دنيا جي گدلن ترين شهرن ۾ ٽئين نمبر تي آهي.
صحت جي ماهرن شهرين کي صلاح ڏني آهي ته هو گهرن کان ٻاهر نڪرندي ماسڪ جو استعمال يقيني بڻائين.
Prev Post
You might also like