اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ راجا پرويز اشرف چيو آهي ته هن وقت مذاڪراتي ڪميٽي جو ماحول بهتر آهي ۽ وقت اچڻ تي آصف زرداري، نواز شريف ۽ عمران خان به گڏ ويهي سگهن ٿا.
پي ٽي آءِ جي مذاڪراتي ڪميٽيءَ سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي راجا پوريز اشرف چيو ته تحريڪ انصاف پنهنجا مطالبا باضابطا طور تي پيش ناهن ڪيا، هنن ڪارڪنن جي آزادي ۽ جڊيشنل ڪميشن جا مطالبا اُٿاريا آهن، پي ٽي آءِ جي دوستن ان معاملي تي پي ٽي آءِ باني سان مشاورت لاءِ وقت گهريو آهي.
ڇا ملڪ ۾ نئين ”ميثاق جهموريت“ جي ضرورت آهي واري سوال تي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ملڪ کي هن وقت ميثاق جي ته ضرورت آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ جيڪا غيريقيني واري صورتحال ۽ معاشي بدحالي آهي، ان جي حل لاءِ سڀني پارٽين کي گڏ کي گڏجي ويچارڻ گهرجي، هن وقت مذاڪراتي ڪميٽي جو جيڪو ماحول آهي اهو بهتر آهي، وقت اچڻ تي آصف زرداري، نواز شريف ۽ عمران خان به گڏ ويهي سگهن ٿا.
You might also like